اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سينيئر صحافي اخلاق احمد باجوه جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ وفاقي وزير مرحوم جي گهرڀاتين سان دلي همدرديءَ ۽ تعزي?? جو اظهار ڪندي چيو ته اخلاق احمد باجوه صحافت جي شعبي ۾ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون، سندس لاڏاڻي سان صحافت جي شعبي ۾ پي??ا ٿيندڙ خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهبو. هن چيو ته مرحوم جي صحافتي خدمتن کي سدائين يا?? رکيو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.