اسلام آباد – 20 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لاڳاپيل عملدارن کي ميٽا جي پاڪستان ۾ آپريشنز جي حوالي سان سمورا مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ??نف??رميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي حوالي سان ميٽا جي مهارت مان فائدو حاصل ڪ??و ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ميٽا جي 5 رڪني وفد ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت ميٽا جي اي??يا پيسفڪ بابت نائب صدر سائمن ملنر ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف وفد سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾ ??نف??رميشن ٽيڪنالاجي ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جي شعبن ۾ بي پناهه صلاحيت موجود آهي، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ??نف??رميشن ٽيڪنالاجي ۽ جي فروغ جي حوالي سان رڪارڊ بجيٽ رکي وئي آهي. هن چيو ته ??نف??رميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي حوالي سان ميٽا جي مهارت مان فائدو حاصل ڪ??و ويندو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ميٽا جي پاڪستان ۾ آپريشنز جي حوالي سان سمورا مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ميٽا جي وفد وزيراعظم کي پاڪستان ۽ اي??يا پيسفڪ ۾ پنهنجي سروسز بابت آگاهه ڪيو. وفد بريفنگ دوران ٻڌايو ته ميٽا مصنوعي ذهانت جي حوالي سان ريجن ۾ پهريون مقابلو پاڪستان ۾ منعقد ڪرايو. ٻنهي ڌرين پاڪستان ۾ ڊيجيٽل ميڊيا ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبن جي ترقي ۽ ترويج جي حوالي سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو. اجلاس ۾ ??نف??رميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، تانيه ايدرس ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.