اسلام آباد-05 سيپٽمبر(اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان سان پاڪستان جي اُڀرندڙ ريسلر اطهر زاهد ملاقات ڪئي جيڪو 4 آڪٽوبر تي نيپال ۾ ٿيندڙ عالمي ريسلنگ چيمپئن شپ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. ان موقعي تي چيئرمين، اطهر زاهد جي عزم ۽ محنت جي تعر??ف ڪئي ۽ ان لا??ِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. اطهر زاهد جيڪو ڀارتي ريسلر سنگهم دوبي سان مقابلي لا??ِ پُرعزم آهي، چيو ته هو ڀرپور محنت سان پاڪستان لا??ِ هي ٽائٽل کٽڻ لا??ِ تيار آهي. چيئرمين، پاڪستان جي نوجوانن جي صلاحيتن تي اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته نوجوان رانديگرن جي حمايت حڪومت جي اولين ترجيح آه?? ته جيئن هو عالمي سطح تي ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن. عالمي ريسلنگ چيمپئن شپ نيپال ۾ منعقد ٿيندي ۽ پاڪستاني عوام اطهر زاهد جي ڪاميابيءَ لا??ِ پُراميد آهي. چيئرمين چيو ته ملڪ ۾ راندين کي هٿي ڏيارڻ لا??ِ ڪوشان آهيون ۽ ان سلسلي ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت ٽيلنٽ هنٽ اسپورٽس پروگرام ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ سڄي ملڪ مان بهترين ٽيلنٽ کي چونڊيو وي??دو ۽ ان کي بهترين تربيت ??راهم ڪئي وي??دي.