اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) صنعتن ۽ پيداوار واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين چيو ته روس فرٽيلائيزر پلانٽس کي جديد بڻائڻ ۾ پاڪستان جي مدد ڪندو، پاڪستان روس سان لا??اپ?? کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه پاڪستان ۾ روس جي سفير البرٽ پي خوريو سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزارت جي ترجمان موجب پاڪستان ۽ روس فرٽيلائيزر پلانٽس کي جديد بنائڻ ۽ زرعي تعاون تي مفاهمت جي يادداشت تي صحيحيون ڪندا. ملاقات ۾ صنعتي، زرعي ۽ اقتصادي تعاون جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ??ئي وئي. وفاقي وزير چيو ته روس سان واپاري لا??اپ?? کي وڌيڪ ه??ي ڏيڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته زرعي پيداوار وڌائڻ لاءِ جديد زرعي مشينري جي ضرورت آهي، روس جي سيڙپڪارن کي ملڪ ۾ سهولت فراهم ??ئي ويندي. روس جي سفير چيو ته روس پاڪستان کي جديد زرعي مشينري فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پاڪستان مان زرعي ماهر روس جو دؤرو ڪن.