اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) پا??ستان ۽ روس پرڏيهي وزارت اسلام آباد ۾ منعقد هڪ تقريب ۾ معيشت ۽ واپار جي شعبن ۾ ٻطرفي تع??ون جي هڪ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون. تقريب ۾ نا??ب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ روسي فيڊريشن جي نا??ب وزيراعظم اليڪسي اوورچڪ پڻ شرڪت ڪئي. پا??ستان مرڪنٽائل ايڪسچينج ۽ سينٽ پيٽرزبرگ انٽرنيش??ل مرڪنٽائل ايڪسچينج جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي پا??ستان پاران پا??ستان مرڪنٽائل ايڪسچينج جي وقتي مئنيجنگ ڊائريڪٽر فرحان طاهر ۽ روس پاران سينٽ پيٽرزبرگ انٽرنيش??ل مرڪنٽائل ايڪسچينج جي صدر ايگور آرٽيميف صحيحون ڪيون. پا??ستان عالمي ٽرانسپورٽ ڪوريڊور بيلاروس – روس – قازقستان – ازبڪستان – افغانستان – پا??ستان جي تعمير ۽ ترقي بابت مفاهمت نامي ۾ شموليت جو پڻ اعلان ڪيو. دستاويز تي پا??ستان پاران مواصلات واري سيڪريٽري علي شير محسود صحيحون ڪيون.