نيويارڪ – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيويارڪ ۾ بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد يونس جي ??عوت تي بنگلاديش جي گڏيل قومن ۾ ميمبرشپ جا 50 سال مڪمل ٿيڻ جي ??قريب ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عط??ءُ الله تارڙ، تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر خال?? مقبول صديقي ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. ڊاڪٽر محمد يونس وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جو شاندار استقبال ڪيو. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ تي اتفاق ٿيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ٻطرفن لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي ??والي سان مثبت ??ال??ه ٻولهه ٿي.