اسلام آباد-12 آڪٽ??بر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان ??نڌ جي گورنر ڪامران خان ٽ??سو??ي ۽ متحده قومي موومينٽ جي وفد ملاقات ڪئي. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ايم ڪيو ايم وفد ۾ ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ سيد امين الحق شامل هئا. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزير احسن اقبال، اعظم نذير تارڙ ، وزيراعظم جا صلاحڪار راڻا ثناءُ الله ۽ خواجه سعد رفيق به شريڪ هئا. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.