اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محم?? شهباز شريف سان ترڪمانستان جي وزيرن جي ڪابينا جي نائب چيئرمين ۽ پرڏيهي معاملن واري وزير راشد مريدوف اسلام آباد ۾ مل??قا?? ڪئي. مل??قا?? ۾ وزيراعظم ٻطرفي تعاون جي مڪمل صلاحيت خاص طور تي واپار، توانائي ۽ علائقائي رابطن جي شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪ??متي سربراهن جي اجلاس ۾ ترڪمانستان جي خاص مهمان طور شرڪت جي آجيان ڪندي وزيراعظم محم?? شهباز شريف ترڪمانستان سان پاڪستان جي پراڻي، تاريخي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو.
ترڪمانستان جي قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ٻنهي ڌرين پاران ٻطرفي تعاون جي مڪمل صلاحيت خاص طور تي واپار، توانائي ۽ علائقائي رابطن جي شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. راشد مريدوف شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪ??متي سربراهن جي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي پاڪستان کي مبارڪباد ڏني ۽ ترڪمانستان جي قيادت پاران وزيراعظم محم?? شهباز شريف ک?? نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. هن پاڪستان ترڪمانستان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ ويجها بڻائڻ جي لاءِ ترڪمانستان جي مستقل عزم جو ورجاءُ ڪيو.