راولپنڊي-15 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ روس وچ ۾ گڏيل فوجي مشق دروزبا-7 جي شروعات ٿي وئي آهي. اها پاڪ- روس فوجن جي دهشتگردي جي خاتمي واري شعبي ?? ستين ٻه طرفي گڏيل مشق آهي. مشق ۾ حصو وٺندڙ فوجي جٿ?? هڪٻئي جي گڏيل تجربن مان فائدو کڻندا. آءِ ايس پي آر موجب ٻه هفتن تائين جاري رهندڙ اهي مشقُون 13 آڪٽوبر تي نيشنل ڪائونٽر ٽيريرز?? سينٽر پبي ۾ شروع ٿيُون. ڪمانڊنٽ نيشنل ڪائونٽر ٽيريرز?? سينٽر افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته مشقن ۾ لائٽ ڪمانڊو ٽروپس ۽ روسي فوجي جٿ?? به شريڪ هئا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مشقن جو مقصد گڏيل تربيت ذريعي پيشيوراڻي مهارتن ۽ دوست ملڪن وچ ۾ تاريخي ۽ فوجي لاڳاپن کي بهتر بنائڻ آهي.