اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت ??اري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته وزيراعظم جو بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي تي ڀرپور ڌيان آهي، نيپرا فيول ڪاسٽ ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ سڄي ملڪ ۾ 86 پئسا في يونٽ بجلي جي قيمت ۾ گهٽتائي ڪئي آهي، 5 آءِ پي پي?? کي بند ڪيو ويو آهي، 8 وڌيڪ آءِ پي پي?? سان ٻيهر ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ مع??هدن تي نظرثاني ڪئي وئي آهي، ان حوالي سان قوم کي جلد خوشخبري ملندي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن ابرار احمد، ملڪ شاڪر بشير اعواڻ ۽ آسيه ناز تنولي جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي خيالن جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نيپرا گذريل ڏينهن سڄي ملڪ ۾ 86 پئسا في يونٽ بجلي جي قيمت ۾ گهٽتائي ڪئي آهي، اها گهٽتائي فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جو بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو ڌيان آهي، هلندڙ سال وفاقي حڪومت هڪ يونٽ کان 200 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙن جي لاءِ 50 ارب رپيا، جڏهن ته پنجاب حڪومت 201 کان 500 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ صارفين کي 45 ارب رپين جي سبسڊي ڏني. هن چيو ته ان سبسڊي کانسواءِ هر سال وفاقي حڪومت 300 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ ڪنزيومرز کي 276 ارب رپين جي سبسڊي فراهم ڪري ٿي. هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ کي 174 ارب رپين جي سبسڊي ڏني پئي وڃي. وفاقي وزير چيو ته لائيف لائين ۽ نان لائيف لائين ڪنزيومرز کي ساليانو بنيادن تي سبسڊي فراهم ڪئي وڃي ٿي. هن سال صارفين کي وڌيڪ سبسڊي ڏني وئي. هن ٻڌايو ته 5 آءِ پي پي?? کي بند ڪيو ويو آهي، انهن قدمن سان م??يشت کي اربين رپين جو فائدو ٿيندو ۽ ڪيپيسٽي پيمنٽس ۾ گهٽتائي ٿيندي. هن چيو ته جولاءِ کان سيپٽمبر 2024ع تائين سبسڊي فيول خرچن ايڊجسٽمينٽ ۽ 5 آءِ پي پي?? جي بند ٿيڻ سان بجلي جي بلن تي تمام گهڻو فرق آيو آهي. هن چيو ته 8 وڌيڪ آءِ پي پي?? جي حوالي سان قوم کي وڌيڪ خوشخبري ڏني ويندي. انهن آءِ پي پي?? سان م??اهدن تي ٻيهر ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، انهن جا ريٽس گهٽ ڪيا ويا آهن، جنهن سان ڪيترائي سئو ارب رپين جي بچت ٿيندي. وفاقي وزير چيو ته سرديءَ ۾ بجلي جا بل گهٽ ايندا آهن، ايندڙ گرمين جي موسم کان اڳ بجلي جون قيمتون وڌيڪ گهٽ ٿينديون. هن چيو ته پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيو آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ نئون ??ڪارڊ قائم ڪيو آهي، وياج جي شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي، مع??شي انگ اکر مثبت آهن. هن چيو ته اسان م??اشي بحالي طرف وڃي رهيا آهيون، بجلي جي مع??ملن تي حڪومت جو ڌيان آهي.