اسلام آباد -26 آڪٽوبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي جسٽس يحييٰ آفريدي چيف جسٽس آف پاڪستان جي عهدي جو حلف کڻي ورتو، صدر آصف علي زرداري کانئس حلف ورتو. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن ايوان صدر ۾ حلف برداري جي تقريب ٿي. تقريب ۾ وزيراعظم مح??د شهباز شريف، سروسز چيفس، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، سيني?? چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، گورنرز، وڏن وزي??ن، وزي??ن، سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽس جي ججز، اڳوڻن چيف جسٽسز، لاء آفيس??ن، وڪيل تنظيمن جي عهديدا??ن، وڪيلن ۽ ميڊيا نمائندن سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن پڻ شرڪت ڪئي. واضح رهي ته جسٽس يحييٰ آفريدي کي هڪ خصوصي پارليامان?? ڪميٽي آئين جي نئين منظور ٿيل 26هين ترميم تحت سپريم ڪورٽ جي ٽن سينئر ترين ججن مان ايندڙ چيف جسٽس جي طور تي نامزد ڪيو هو ۽ ان حوالي سان هڪ سمري وزيراعظم صدر ڏانهن موڪلي هئي. بعد ۾ جسٽس يحييٰ آفريدي جي بطور 30هين چيف جسٽس مقرري جي منظوري ڏني وئي.