لاهو??- 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پيپلزپارٽي جي وفد لاهور ۾ ملا??ات ڪئي آهي. ملا??ات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊي?? ونگ مان جاري بيان موجب پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد ۾ اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف، پنجاب جو گورنر سردار سليم حيدر، قومي اسيمبلي ميمبر سيد نويد قمر ۽ ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب شريڪ هئا. پاڪستان مسلم ليگ (ن) طرفان قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، سينئر اڳواڻ راڻا ثناءُ الله به ملا??ات ۾ شامل هئا. ملا??ات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي حڪومت جي اهم اتحادي پارٽي آهي، پ??ڪستان پيپلزپارٽي ملڪي معيشت جي استحڪام لاءِ حڪومت جي هر قدم ۾ ساٿ ڏنو آهي. ملا??ات لاءِ آيل پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد ملڪي معيشت جي استحڪام لاءِ حڪومتي معاشي پاليسين جي واکاڻ ڪئي. پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد حڪومتي پاليسين ۽ قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو جنهن جي وزيراعظم آجيان ڪئي.