اسلام آباد-31 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ??رقي، ??ڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال سي پيڪ تحت جاري رٿائن جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته اهي منصوبا پاڪستان جي معاشي استحڪام ۽ ترقيءَ جا ضامن آهن ?? ملڪ جي خوشحاليءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، جنهن ?? سي پيڪ جي جاري رٿائن جي اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ سيڪريٽري پلاننگ اويس منظور سمرا، جوائنٽ چيف اڪناماسٽ آپريشنز ظفر الحسن ۽ وزارت جي ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران وفاقي وزير سي پيڪ تحت پنج ساله ترقياتي منصوبي جي ڪاميابيءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ پاڪستان جي سمورن صوبن جي شموليت ۽ ترقيءَ جي برابري وارن موقعن تي زور ڀر??و.هن هدايت ڪئي ته سي پيڪ ??يز ون، سي پيڪ ??يز ٽو جهڙن اهم جُزن کي شامل ڪندي سمورين راهدارين کي مربوط بڻايو وڃي ته جيئن اهي منصوبا پنهنجي مقرر هدفن مطابق مڪمل ڪري سگهجن. وفاقي وزير ايم ايل ون (ملتان کان پشاور ريلوي لائن) ۽ ڪي ڪي ايڇ (قراقرم هاءِ وي) جهڙن اهم منصوبن جي وقت سر تڪميل تي خاص زور ڀر??و ۽ هدايت ڏني ته انهن منصوبن جي باقاعدگي سان نگراني ڪئي وڃي ته جيئن انهن جي وقت سر تڪميل يقيني بڻائي سگهجي. احسن اقبال سي پيڪ ??نصوبي جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته اهي منصوبا پاڪستان جي معاشي استحڪام ۽ ترقيءَ جا ضامن آهن ?? ملڪ جي خوشحاليءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.