سرينگر-06 نومبر (اي پي پي) ڪنٽرول لائين جي ٻنھي پاسي ۽ سڄي دنيا ۾ ترسيل ڪشميرين گذريل ڏي??ھن ڄمون جي شھيدن جي ڏھاڙي کي ان عزم سان ملهايو ته خوداراديت جي حق کي حاصل ڪرڻ تائين شھيدن جي مشن کي جاري رکنداسين. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق مھاراجه ھري سنگھه جي فرسز، ڀارت جي فوج ۽ ھندو پرست قوتن ڄمون جي مختلف علائقن ۾ لکين ڪشمرين جو ان وقت قتل عام ڪيو ھو جڏھن ڪشميري 1947ع ج?? پھرين ھفتي ۾ پاڪستان ڏا??ھن ھجرت ڪري رھيا ھئا. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن ۽ تنظيمن سرينگر ۾ جاري پنھنجي بيانن ۾ ڄمون جي شھيدن کي خراج عقيدت پي?? ڪندي چيو ته ا??ھن جو رت ضايع نه ڪرڻ ڏينداسين. ھن چيو ته ڄمون جي شھيدن ھڪ مقدس مقصد لاءِ پنھنجن ج??نين جو نذرانو پي?? ڪيو ۽ ا??ھن جي بي مثال قربانين کي وساري نه سگھبو. حريت جي اڳواڻن ۽ تنظيمن چيو ته 1947ع ۾ ڄمون جي مسلمانن جي ??ل ڏکوئيندڙ نسل ڪشي دنيا جو سڀ کان وڏو سانحو ھو ج??ھن ۾ لکين مسلمانن کي شھيد ڪيو ويو. هنن چيو ته شھيدن کي خراج عقيدت پي?? ڪرڻ جو بھترين طريقو اھو آھي ته ا??ھن جي مشن کي منطقي انجام تائين پھچايو وڃي.