اس??ام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اربع ??ينهن گلگت بلتستان جي هڪ ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم گلگت جي ضلعي غذر ۾ بوبر ڳوٺ ۾ 2022ع جي ٻوڏ جي ڪري تباهه ٿيندڙ گهرن ??ي جڳهه تي متاثرين جي لاءِ خصوصي طور تي تعمير ٿيل نئين گهرن ??و افتتاح ڪندو. ان کانسواءِ وزيراعظم گلگت ۾ ڪيترن ??ي ترقياتي منصوبن خاص طور تي نلتر ايڪسپريس وي، گريٽر واٽر سپلاءِ هنزه، عطاءَ آباد ۾ 54 ميگاواٽ جي پن بجلي جي پلانٽ ۽ ٻين ترقياتي منصوبن جي پيڙهه جو پٿر ۽ افتتاح ڪندو.