اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف محمد آصف کي دوحه ۾ انٽرنيشنل بليئرڊز اينڊ ورلڊ سنوڪر فيڊريشن (آءِ بي ايس ايف) چيمپيئن شپ کٽڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جا باصلاحيت نوجوان راندين جي ميدانن ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري ??هيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب وزيراعظ?? چيو ته محمد آصف ٽيون ڀيرو عالمي چيمپيئن شپ کٽي پوري قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيو. محمد آصف جا گهرڀاتي ۽ سندس ڪوچ به ان فتح تي مبارڪباد جا مستحق آهن. عالمي چيمپيئن شپ کٽڻ جي لاءِ محمد آصف ڏينهن رات محن?? ڪئي جنهن جي لاءِ هو ساراهه جي لائق آهي. وزيراعظ?? چيو ته پاڪستان جا باصلاحيت نوجوان راندين جي ميدانن ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري ??هيا آهن. حڪومت هر ممڪن ڪوشش ڪري ??هي آهي ته رانديگرن کي عالمي معيار جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن. عالمي مقابلن جي لاءِ رانديگرن کي تياري ??ي معياري ??هولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي.