اسلام آباد _26 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سرينگر هاءِ وي تي رينجرز ۽ پوليس جي جوانن تي شر پسندن جي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چي?? آهي ته حملي ۾ ملوث سمورن شر پسندن کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻي کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو . هن شهيدن جي ڪٽنب سان دلي همدردي ۽ تعزيت ڪئي . گهرو وزير رينجرز ۽ پوليس جي زخمي جوانن جي علاج ج??ن بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڏني. هن چي?? ته رينجرز جي شهيد ج??انن کي قوم سلام پيش ڪري ٿي. رينجرز جي شهيد ج??انن فرضن جي ادائيگي دوران زندگيون قربان ڪيون . رينجرز جي شهيدن جي خاندان سان گڏ آهيون ۽ هميشه گڏ رهنداسين.