باڪو – 13 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آذربا??يج??ن جي ??در الهام عليوف سان ڪوپ 29 جي موقعي تي انتهائي پرجوش ۽ خوشگوار ملاقات ٿي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ا??ڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته باڪو ۾ ورلڊ ليڊرز ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ جي ڪامياب انعقاد تي کيس مبارڪباد ڏيندي موسمياتي تبديلي سان لاڳاپيل معاملن تي ڪم جي ??زم کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان دنيا ۾ موسمياتي تبديلين جي ??نتهائي شڪار ملڪن مان هڪ آهي ۽ هو موسمياتي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ آذربا??يج??ن ۽ عالمي برادري سا?? گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم رکي ٿو. وزيراعطم چيو ته ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري کي مستحڪم بڻائڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي خاص طور تي اقتصادي ۽ دفاعي تعاون، ٽيڪنالاجي ??ي مٽاسٽا ۽ قابل تجديد توانائي جي ??عبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي وچ اوڀر جي ??ورتحال ۽ ٻين عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته اسا?? گڏجي هڪ لچڪدار ۽ گڏيل تعاون تي ٻڌل مستقبل جي لاءِ ڪوشش جو عزم ڪريون ٿا.