اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي) پي ٽي اي جي چيئرمين ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان ٽڪ ٽاڪ جي وفد سان ملاقات ڪئي جنهن جي اڳواڻي مسٽر ايمير گلين هيڊ آف گلوبل پبلڪ پاليسي (ميٽا پي ايس اي) ڪئي. ملاقات ۾ ڊجيٽل انگيجمنٽ، موا?? جو تحفظ ۽ آن لائن تحفظ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي پاران ڪالهه جاري ڪيل ??يا?? موجب وفد ۾ فهد خان نيازي، سدره جليل، ايلنگا ايمپينا ۽ صهيب خان شامل هئا. وفد طرفان ”يوٿ سيفٽي سمٽ“ جو جائزو به ورتو ويو. جنهن جي بندوبست جو مقصد نوجوانن، خاص ڪري ٻارن جي آن لائن تحفظ کي هٿي ڏيڻ آهي، ٻنهي ڌر??ن طرفان آگاهي مهم، اسڪولن ۾ تربيتي پروگرامز ۽ هڪ محفوظ ۽ جامع ڊجيٽل ماحول کي عملي طور يقيني بڻائڻ لاءِ تربيتي پروگرامز جي اهميت تي زور ڀريو ويو.