ڪراچي-21 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خيبرپختونخوا جي ضلعي ڪرم ۾ مسافر گاڏين تي فائرنگ جي مذمت ڪندي واقعي ۾ قيمتي جا??يون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪ??و آهي. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري چيو ته معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ انتهائي بزدلاڻ?? عمل ۽ بربريت آهي. هن چيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي، امن ام??ن جو قيام حڪومت جي اولين ذميداري آهي، شهرين جي جا?? ۽ مال جو تحفظ ڪيو وڃي. بلاول ڀٽو زرداري واقعي ۾ شهيد ٿيل شهرين جي ڪٽنبن سان دلي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار پڻ ڪيو.