اسلام آباد-24 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بيلاروس جي 68 رڪني اعليٰ سطحي وفد جو اسلام آباد پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو. وفد ۾ بيلاروس جو پرڏيهي وزير، توانائي وارو وزير، صحت، عدل ۽ انصاف، مواصلات، قدرتي وسيلن، هنگامي حالتن وارن وزير سميت چيئرمين ملٽري انڊسٽري ڪميٽي شامل آهن، وفد ۾ بيلاورس جي 43 وڏيون ڪاروباري شخصتيون به شامل آهن. گهرو وزير بيلاروس جي پرڏيهي وزير ميڪسم ريجنڪوف ۽ توانائي واري وزير سان ملاقات ڪئي. گهرو وزير چيو ته وفد کي اسلام آباد پهچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪا شينڪو جي اڄ اچڻ جا منتظر آهيون. گهرو وزير چيو ته بيلاروس جي صدر جو دورو ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. پاڪستان بيلاروس سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. پاڪستان بيلاروس سان لاڳاپن کي مختلف شعبن ?? اڳتي وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته دوري سان ٻنهي ??لڪ?? وچ ۾ صنعت ۽ واپار سميت مختلف شعبن ۾ ??عا??ن کي هٿي ملندي.