اسلام آباد-01 ڊسمبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري خيبرپختونخوا جي ضلعن بنون ۽ خيبر ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪاميابي ڪاررواين تي فورسز کي خراج تحسين پيش ??ندي چيو آهي ته پوري قوم م??ڪ خاطر شهادت ماڻيندڙ جوانن جي قربانين کي ڪڏهن نه وساريندي. ايوان صدر جي پري?? ونگ مان جاري بيان ۾ صدر ٻن مختلف ڪاررواين دوران 8 خوارجن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو ۽ ڪاررواين دوران شهيد ٿيل ڪيپٽن محمد زوهيب الدين ۽ سپاهي افتخار حسين کي خراج عقيدت پيش ??يو. صدر م??ڪ خاطر وڏي قرباني پيش ??رڻ تي شهيدن جي حب الوطني واري جذبي کي ساراهيو. هن چيو ته ملڪي سلامتي خا??ر شهيدن جون قربانيون ضايع نه وينديون. پوري قوم م??ڪ خاطر شهادت ماڻيندڙ جوانن جي قربانين کي نه وساريندي. صدر مملڪت دهشتگردي جي لعنت ??ي خا??مي تائين ڪارروايون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته پوري قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل رهندي. صدر مملڪت شهيدن جي بلند درجن ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.