قاهره – 19 – ڊسمبر (اي پي پي( وزيراعظم محمد شهباز شريف 18 کان 19 ڊسمبر تائين قاهره مصر ۾ منعقد ٿيندڙ اسرندڙ 8 ملڪن جي 11هين سربراهي اج??اس ۾ شرڪت کانپوءِ ٻن ڏي??هن وارو دورو مڪمل ڪري پاڪستان روانو ٿي ويو. عرب جمهوريه مصر جي هوابازي واري وزير سامح احمد الخنفي ۽ قاهره ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي عملدارن هوائي اڏي تي وزيراعظم کي الوداع ڪيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڊي – 8 سربراهي اج??اس ۽ وچ اوڀر ۾ اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي غور فڪر جي حوالي سان غزه ۽ لبنان ۾ انساني بحران ۽ نئين سر تعمير جي چئلينجز تي ڊي – 8 جي خصوصي سربراهي اج??اس ۾ اهم خطاب ڪيو. وزيراعظم سربراهي اج??اس ۾ شرڪت ڪندڙ سربراهن سان ملاقات پڻ ڪئي. پاڪستاني وفد ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ شامل هئا.