اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) ڊائريڪ??ور??ٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشن پاران قائداعظم محمد علي جناح جي 148هين جنم ڏهاڙي جي حوالي سان تصويرن جي نم??ئش منعقد ڪئي وئي. انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ پاڪستان جي باني باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي ناياب تصويرن ۽ پينٽنگس جي نم??ئش منعقد ڪئي وئي، جنهن جو مقصد نوجوان نسل کي باباءِ قوم جي يادگار جدوجهد ۽ الڳ وطن لاءِ ڏنل قربانين بابت آگاهي ڏيڻ آهي. نم??ئش دوران قائداعظم محمد علي جناح جي زندگيءَ ۽ ڪاميابين جي عڪاسي ڪندڙ دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري وئي. ان موقعي تي انفارميشن سروس اڪيڊمي جو ڊائريڪٽر جنرل سي?? مبشر توقير شاهه تقريب جو خاص مهمان هو، جڏهن ته ڊائريڪ??ور??ٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشن جي ??يگ??يڪيوٽو ڊائريڪٽر عمرانه وزير، ڊائريڪٽر جنرل ثمينه فرزين ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊي جي انفارميشن سروس اڪيڊمي سي?? مبشر توقير شاهه ڳالهائيندي قائداعظم محمد علي جناح کي اميد ۽ عزم جو مجسمو قرار ڏنو، جنهن جو اڻ ٿڪ عزم پاڪستان قائم ٿيڻ جو سبب بڻيو. هن ڊجيٽل تصويري نم??ئش جي ڪامياب انعقاد تي ڊائريڪ??ور??ٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جي قدم?? ۽ ??قريب ۾ اسلام آباد جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن کي شامل ڪرڻ جي ڪوششن کي ساراهيو. سي?? مبشر توقير شاهه چيو ته اسان کي پنهنجي روز مره جي زندگي ۾ قائداعظم جي نظريي تي عمل ڪرڻ گهرجي. تقريب دوران قائداعظم جي جنم ڏينهن جي حوالي سان پينٽنگ ۽ تصويري نم??ئش جي مقابلي جي فاتح شاگردن ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا ويا. هن نم??ئش ۾ شرڪت ڪندڙ شاگردن جي فني ۽ فڪري ڪوششن کي ساراهيو ۽ نم??ئش جو دورو ڪيو. نم??ئش ۾ فن سان لڳاءُ رکندڙ ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب جي آخر ۾ قائداعظم جي جنم ڏينهن جي مُناسبت سان ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.