اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 2024ع جو سال پاڪس??ان جي لاءِ شاندار ڪاميابين جو سال رهيو، معيشت کي پاڻڀرائيپ جي پٽڙي تي وجهندي 2025ع جي شروعات تي مستحڪم، روشن ۽ خوشحال مستقبل جي لاءِ پرعزم آهيون، نئين عيسوي سال 2025ع جي شروعات تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم پوري قوم کي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته 2025ع جو سج اسان جي ملڪ پاڪس??ان جي لاءِ ترقي ۽ خوشحالي جي نويد کڻي اڀري، نئين سال ۾ اسان گذريل سال جي پنهنجي انفرادي ۽ گڏيل زندگين جي غلطين کي سڌاري هڪ نئين شروعات ڪريون ۽ هڪ نئين روشن مستقبل جي شروعات ڪريون. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته آئون دعاڳو آهيا?? ته 2024ع ۾ دنيا کي جن معاشي، سياسي ۽ امن امان جا بحران درپيش رهيا، نئين سال ۾ انهن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ مثبت اڳڀرائي ٿئي. هن چيو ته نئون سال پاڪس??ان سميت پوري دنيا مان بک، جنگ، دهشتگردي، ڏوهن، فرقيواريت ۽ طبقاتي ورڇ جي خاتمي جو سال ثابت ٿئي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته 2024ع جو سال اسان جي پياري پاڪس??ان جي لاءِ شاندار ڪاميابين جو سال هو، 2024ع دوران اسان جا معاشي انگ اکر بهتر ٿيا، عالمي مالياتي ادارن پاڪس??ان تي پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪيو. هن چيو ته سال 2024ع ۾ دوست ۽ ڀائر ملڪن سان اربين رپين جي سيڙپڪاري جا معاهدا ٿيا ۽ معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن تي ڪم جي شروعات ڪئي وئي. هن چيو ته اسان باضابطا طور تي قومي اقتصادي ٽرانسفارميشن پلان ”اڏار پاڪستان“ جاري ڪري ڇڏيو آهي. اڏار پاڪس??ان اصل ۾ معيشت کي هڪ نئون رخ ڏيڻ، جامع ترقي کي فروغ ڏيڻ ۽ پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ جي لاءِ منهنج?? حڪومت جو عزم آهي. وزيراعظم چيو ته هاڻي جڏه?? ته اسان 2025ع ۾ داخل ٿي رهيا آهيون ۽ معيشت کي پاڻڀرائپ جي پٽڙي تي وجهي ڇڏيو آهي ته اڄ جي ڏينهن اسان هڪ مستحڪم، روشن ۽ خوشحال مستقبل جو عزم ڪريون ٿا. هن چيو ته 2024ع جو سال فلسطين ۾ اسرائ??لي ظلمن جي حوالي سان بدترين سال رهيو جنهن ۾ اسرائ??لي قابض فوج ظلم جا اهي داس??ان لکيا جن جو مثال تازي تاريخ ۾ نه ٿو ملي. اهڙي طرح ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اسان جا مظلوم ڀائر ۽ ڀينر ڀارتي قابض فوج جي ڏاڍ جو شڪار رهيا. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته 2025ع ۾ فلسطين ۽ ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير پنهنج?? آزادي جي جدوجهد ۾ ڪامياب ٿئي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته 2024ع ۾ اسان جي بهادر سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي خلاف ڪاميابيون حاصل ڪيون، دهشتگردي جي خلاف ان جنگ ۾ اسان جي سيڪيورٽي فورسز جي بهادر جوانن شهادت ماڻي، جن جون قربانيون قوم تاحيات ياد رکندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي پيغام جي آخر ۾ چيو ته اچو! نئين سال جي شروعات ۾ اسان اهو واعدو ڪريو?? ته هن ملڪ کي قائداعظم ۽ علامه اقبال جو پاڪس??ان بڻائڻ جي لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائينداسين، هن ملڪ جي حفاظت ۽ تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو رت پگهر هڪ ڪنداسين. هن دعا ڪئي ته 2025ع اسان جي قوم جي لاءِ خوشقسمتي ۽ بي پناهه خوشين جو سال هجي.