اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قوم کي ڪرونا وبا جي موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي ??حتياطي تبديرن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته احتياط ۽ ذميواري جو مظاهرو ڪري ئي ان وبا کان بچي سگهجي ٿو، لاڪ ڊائون ۾ زرعي شعبي کي مڪمل ڪم ڪرڻ جي اجازت هوندي، 14 اپريل تي تعميراتي شعبو ڪم شروع ڪري ڇڏيندو، اڄ خميس کان احساس پروگرام جي امدادي پروگرام تحت 12 هزار ر??يا في خا??دا?? امداد ڏني ويندي، سڄي ملڪ ۾ 17 هزار جاين تان عوام کي رقم ڏني ويندي، پهرين مرحلي ۾ 23 لک خا??دا??ن کي امدادي ??قم ڏني ويندي، امدادي ??قم جي فراهمي ۾ م??رٽ ۽ شفافيت کي يقيني بڻايو ويندو، ايندڙ اڍائي هفتن تائين 144 ارب ر??يا ورهايا ويندا، پاڪستان تحريڪ انصاف جا قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر ڪرونا رليف ٽائيگر فورس جو حصو بڻجن، اها ٽائيگر فورس غريب ماڻهن جي نشاندهي ڪري انهن کي رليف ڏيڻ لاءِ قدم کڻندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪرونا جي صورتحال جي ڏس ۾ بريفنگ دوران ڪيو.