اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ مٽاسٽا جي ناڻي ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافي جي حوالي سان اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ صلاحڪارن ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، شهزاد اڪبر، ڊاڪٽر عشرت حسين، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر، ناڻي واري سيڪريٽري، ايف بي آر جي چيئرمين ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم جي ميڊيا آفيس موجب اجلاس ۾ مٽاسٽا جي ناڻي ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن جي صورتحال ?? ان ۾ وڌيڪ اضافي جي لاءِ تجويز ڪيل تجويزن ۽ قدمن تي غور ڪيو ويو. وزيراعظ?? جولاءِ 2020ع ۾ ٻاهرين ملڪ پاڪستا??ين طرفان موڪليل مٽاسٽا جي ناڻي ۾ واضح اضافي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ملڪ ۽ قو?? جو سڀ کان وڏو قيمتي اثاثو آهن، هن چيو ته مٽاسٽا جي ناڻي جي حوالي سان ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستا??ين کي هر ممڪن سه??لتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي.