اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪراچي جي عوا?? کي صاف پاڻي جي فراهمي، سيوريج، سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ، نالن جي صفائي ۽ ٽرانسپورٽ جي حوالي سان بي شمار مسئلا درپيش آهن، ماضي ۾ انهن مسئلن جي حل کي نظر انداز ڪيو ويندو رهيو، تازين برساتن انتظامي ڍانچي جي مسئلن کي اجاگر ڪيو جنهن جي وفاقي حڪومت کي مڪمل ڄاڻ آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ??ڪر??چي ٽرانسفارميشن پلان“ جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، سينيٽر شبلي فراز، سيد امين الحق، سي?? علي حيدر رضوي، سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل (وڊيو لنڪ)، اين ڊي ايم اي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل ??حمد افضل ۽ لاڳاپيل کاتن جا سيڪريٽريز شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ ڪراچي جي پراڻي مسئلن جي حل جي حوالي سان جامع منصوبي ??ڪر??چي ٽرانسفارميشن پلان“ جو جائزو ورتو ويو، اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته صاف پاڻي جي فراهمي، سيوريج، سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ، نالن جي صفائي ۽ ٽرانسپورٽ جي حوالي سان ڪراچي جي عوا?? کي بي شمار مسئلا درپيش آهن، بدقسمتي سان ماضي ۾ انهن مسئلن جي مستقل بنيادن تي حل کي نظر انداز ڪيو ويندو رهيو، هن چيو ته تازين برساتن جتي انتظامي ڍانچي جي مسئلن کي اجاگر ڪيو اتي ڪراچي جي عوا?? کي تمام گهڻن مسئلن جي ور چاڙهيو آهي، جنهن جي وفاقي حڪومت کي مڪمل ڄاڻ آهي.