اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) عالمي سطح تي بهترين رائج طريقن موجب ڊجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ جي آءِ ايس مانيٽرنگ سسٽم کي استعمال ۾ آڻيندي ستين آدمشماري ۽ گهر شماري ڪرائڻ ۽ ان ڏس ۾ گهر شماري مانيٽرنگ ڪميٽي جي قيام جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جو 49 هون اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيو،
وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان اجلاس ۾ وڏن وزيرن جي آجيان ڪندي چيو ته صوبن جي مطالبي تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاسن جو انعقاد وڌائي سگهجي ٿو. وزيراعظم سي سي آءِ جي مستقل سيڪريٽريٽ جي قيام تي ميمبرن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اهو وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ حصيداري جو مظهر آهي، وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته وفاقي حڪومت سڀني اڪاين ۽ ڌرين سا?? مشاورت سا?? قومي معاملا طئي ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي. سي سي آءِ ستين آدمشماري ڪرائڻ جي منظوري ڏيندي ”آدمشماري مانيٽرنگ ڪميٽي“ جي قيام جي منظوري ڏني، ان ڪميٽي جي سربراهي پلاننگ ڪميشن جو ڊپٽي چيئرمين ڪندو، جڏهن ته سڀئي صوبا چيف سيڪريٽريز، نادرا جو چيئرمين، اسلام آباد جو چيف ڪمشنر ۽ ٻيا سينئر عملدار ڪميٽي جا ميمبر هوندا.
ڪميٽي آدمشماري جي شفاف جلد ۽ اعتماد جي قابل هئڻ کي يقيني بنائڻ لاءِ سرگرمين جو جائز?? وٺندي ۽ نگراني ڪندي. آدمشماري مشاورتي ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ سي سي آءِ عالمي سطح تي بهترين طريقن موجب ڊجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ جي آءِ ايس مانيٽرنگ سسٽم کي استعمال ۾ آڻيندي ستين آدمشماري ۽ گهر شماري ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته آدمشماري کان پهرين گهرشماري ڪئي وڃي، وزيراعظم زور ڏنو ته حڪومت چاهي ٿي ته هڪ قابل اعتماد آدمشماري ۽ گهرشماري ڊيٽا جوڙيو وڃي ته جيئن شهرين جي ڀلائي جي منصوبن ۽ پاليسين جي لاءِ ان کي استعمال ۾ آڻي سگهجي. اجلا?? ۾ ??ي سي آءِ جي مالي سا?? 21 -2020ع جي لاءِ سا??ياني رپورٽ جي منظوري ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته ان عرصي دوران 6 اجلاس ٿيا، جنهن ۾ 21 ايجنڊا ايٽمز تي غور ڪيو ويو ۽ 13 فيصلن تي عملدرآمد ڪيو ويو جڏهن ته 6 عمل هيٺ آهن،
اڳوڻن فيصلن تي عملدرآمد جي حوالي سا?? سي سي آءِ کي ٻڌايو ويو ته 110.928 ملين ??وپ??ن جي لاڳت سا?? سي سي آءِ جو خودمختيار سيڪريٽريٽ قائم ٿي چڪو آهي. ان جي قيام سا?? وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ موثر ڪوآرڊينيشن ۾ مدد ملندي، سي سي آءِ ڪراچي جي لاءِ اضافي پاڻي جي ضرورتن جي معاملي تي صوبن جي راءِ جو جائز?? وٺڻ ۽ سياسي ۽ ٽيڪنيڪي سطح ۽ پاڻي بابت معاملن لاءِ ڪميٽي ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.