اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ??ئي آهي ته ڪراچي ۾ جاري سمورين ترقياتي اسڪيمن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي ته جيئن ماڻهن کي بهتر خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائي سگهجي. هن اها هدايت انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سيد امين الحق، قانون واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فروغ نسيم ۽ سامونڊي معا??لن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي سان ڳالهائيندي ڏني جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪراچي ۾ جاري مختلف ترقياتي اسڪيمن سان لاڳاپيل معا??لن تي خيالن جي ??ي وٺ ??ئي وئي. وزيراعظم کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزارت جي ??ارڪردگي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم هدايت ??ئي ته ڪراچي ۾ جاري سمورين ترقياتي اسڪيمن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي ته جيئن ماڻهن کي بهتر خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائي سگهجي. هن نوجوانن جي لاءِ روزگار جا وسيع پيدا ڪرڻ جي لاءِ ملڪ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي فروغ لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻڻ جي پڻ هدايت ڪئي.