اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي پرڏيهي وزير مخدوم شا??ه محمود قريشي سان بحرين جي سندس هم منصب عبدالطيف الزياني ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ اچڻ تي ب??رين جي پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا. ٻنهي پرڏيهي وزخيرن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان بحرين سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ بحرين جا لاڳاپا گڏيل عقيدي، قدرن ۽ ثقافت جي بنياد تي قائم آهن. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائ?? جي عزم جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ علائقائي ۽ عالمي ت??رارن جي حوالي سان معاملا پڻ بحث هيٺ آيا، بحريني پرڏيهي وزير شا??دار استقبال ۽ پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي وزير مخدوم شا??ه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.