سيالڪوٽ – 03 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپ??رٽ?? آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ضلعي جنرل سيڪريٽري حاجي محم?? عارف چيو آهي ته سيد علي گيلاني، ياسين ملڪ ۽ عبدالغني بٽ سميت سمورن حريت اڳواڻن جي ڪوششن کي سلام پيش ڪريون ٿا، جن ڪيترن ئي لاهن چاڙهن جي باوجود ڪشمير جي مسئلي ک?? ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪيو. اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي قدم جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا، جنهن تحت ڀارت ڪشمير??ن جا حق غصب ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي. حاجي محم?? عارف جو چوڻ هو ته ڀارت گذريل 74 سالن کان مظلوم ڪشميرين تي ظلم ڪري رهيو آهي، جنهن تي عالمي برادري جي خاموشي سمجهه کان مٿي آهي. هن چيو ته انساني حقن جي عالمي تنظيمن کي گهرجي ته اهي ڪشميري عوام تي ٿيندڙ ڀارتي ظلمن ?? زيادت??ن جو نوٽيس وٺي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڀارت ڪشميرين تي ظلم ڪري قبضي جي ڪوشش ۾ نه اڳ ۾ ڪامياب ٿيو آهي ۽ نه مستقبل ۾ ڪامياب ٿيندو ڇو ته ڪشميري پنهنجي خودمختياري جي حق جي جنگ کٽي رهيا آهن. برهان واني ڪشمير??ن جي آزادي جي جدوجهد ۾ هڪ نئين روح ڦوڪي ڇڏي آهي جنهن سان ڪشميري جلد آزادي جي نعمت سان همڪنار ٿيندا.