لاهور – 03 – آگسٽ (اي پي پي) قائد ملت جعفريه پاڪستان علامه سيد ساجد علي نقوي چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ آئين شڪني ج??ن ڀارتي ڪارروايون گڏيل قومن جي قراردادن جي خ??اف ورزي آهن. جاري پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته طاقت ۽ ڏااڍ جي زور تي ڪنهن به قوم کي دٻائي نه ٿو سگهجي، ڀارت جو آرٽيڪل 370 جي خاتم?? وارو قدم مذمت جوڳو آهي ج??هن والاريل ڪشمير جي آبادي ج?? تناسب آئيني دهشتگردي سان بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي ج??اح دنيا ت?? واضح لفظن ۾ واضح ڪري ڇڏيو هو ته ڪشمير اسان جي شهه رڳ آهي ج??هن تي ڪو ٺاهه نه ٿو ڪري سگهجي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڀارت کي ڪشمير تي قبضو ختم ڪري ڇڏڻ گهرجي ۽ ڪشميري عوام کي آزاداڻي راءِ استعمال ڪرڻ جو حق ڏيڻ گهرجي.