اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي عوامي لاڳاپن واري شعبي پاڪستان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي (ڊائمنڊ جو??لي) جي مناسبت سان ملي نغمو جاري ڪيو آهي. نغمي ۾ پاڪ فضائيه جي بهادر شاهينن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو آهي جيڪي ملڪ جي دفاع لا??ِ هر وقت چوڪس ۽ تيار آهن. نغمي ۾ ان ڳالهه کي پڻ اجاگر ڪيو ويو آهي ته پاڪ فضائيه پنهنج?? آپريشنل صلاحيتن ۾ وڌيڪ اضافي جي لا??ِ جدت ۽ خودانحصاري طرف گامزن آهي.