اسلام آباد – 19 8211; آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان هارورڊ يونيورسٽي آمريڪا جي شاگردن ۽ شاگر??يا??ين جي وفد ملاقات ??ئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شاگردن سان غيررسمي ڳا??هه ٻو??هه دوران پاڪستان جي ترقي جي لاءِ پنهنجي ويزن بابت آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ وفد وزيراعظم سان ملڪي معيشت، آءِ ايم ايف، زراعت، صنعت، آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن جي حوالي سان سوال پڇيا. وزيراعظم وفد جي ڪشمير، پاڪستان جي خطي ۾ پائيدار امن ۾ ڪردار ۽ پاڪ چين لاڳاپن جي حوالي سان سوالن جا جواب ڏنا. وفد حڪومت ۽ پاڪستانين جي مهمان نوازي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ وفاقي وزير احسن اقبال، مريم اورنگزيب، خاص معاونين احد چيما، سيد فهد حسين، جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.