اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ مو??م جي دٻاءُ جو سڌوسنئون نتيجو آهي، اسان اميد ڪريون ٿا ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو دورو دنيا آڏو ان ڳالهه کي اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ڪندو ته آلوده گئس جي اخراج ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو هجڻ جي باوجود پاڪستان عالمي س??ح تي موسمياتي لحاظ کان 10 غيرمحفوظ ملڪن ۾ شامل آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان پاڪستان جي موسمياتي خطرن کي گهٽ ڪرڻ، موافقت جي صلاحيت کي وڌائڻ ۽ موسمياتي تبديلي کان متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي بحالي ۾ مدد جي ل??ءِ ترقياتي حصيدار?? سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پيغام کي دنيا تائين پهچائڻ جي ل??ءِ عالمي تعاون کي ساراهيون ٿا.