نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ نيويارڪ پهچي ويو آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نيويارڪ جي جان ايف ڪينيڊي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم، واشنگٽن ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان، نيويارڪ ۾ پاڪستاني قونصل جنرل عائشه علي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن وزيرا??ظم جي آجيان ڪئي. هو ملڪه برطانيا ايلزبيٿ ٻه جي آخري رسمن شرڪت کانپوءِ برطانيا کان نيويارڪ پهتو. نيويارڪ مان اي پي پي جي نمائندي موجب وزيرا??ظم شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس پاران ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ??ند??. هو فرانس ۽ اسپين جي صدرن ۽ آسٽريليا جي چانسلرن سان ملاقاتون ??ند??. وزيرا??ظم شهباز شريف جي يورپي يونين ڪائونسل جي صدر چارلس مائيڪل سان ملاقات ۽ عالمي فضائي تحفظ جي حوالي سان سينيگال جي صدر ۽ آفريقي يونين جي ميزباني ۾ ٿيندڙ سربراهي اجلاس ۾ شرڪت به ايجنڊا ۾ شامل آهي. وزيرا??ظم شهباز شريف اربع ڏينهن آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽا لينا جارجيوا ۽ عالمي بئنڪ جي صدر ڊيوڊ ملپاس سان ملاقات ??ند??. وزيرا??ظم ترڪ صدر رجب طيب اردوان ۽ ايران جي صدر ابراهيم رئيسي سان پڻ ملاقات ??ند??. هو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر سابا ڪوروسي سان به ملاقات ??ند?? ۽ آم??ي??ي صدر جو بائيڊن پاران ڏنل آجياڻي ۾ به شرڪت ??ند??. وزيرا??ظم فن لينڊ جي صدر رسائو لي ني نيستو سان ملاقات ??ند?? ۽ ترڪ صدر ۽ ان جي گهرواريءَ جي مان ۾ آجياڻو ڏيندو. مائيڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس، گڏيل قومن جي سربراهه، چين جي صدر ۽ جاپان جي وزيرا??ظم سان ملاقاتون به وزيرا??ظم جي ايجنڊا ۾ شامل آهن. وزيرا??ظم شهباز شريف لڪسمبرگ جي وزيرا??ظم زاويئر بيٽل ۽ ملائيشيا جي وزيرا??ظم اسماعيل صابري يعقوب سان به ملاقات ??ند??. وزيرا??ظم عالمي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه به ??ند??. وزيرا??ظم شهباز شريف 23 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ??ند??.