آستانه – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف س??ن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي قازقستان جي ٻن ڏينهن جي دوري جي موقعي تي ٿيندڙ ان ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي دفاع و??رو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشر??ات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ طارق فاطمي پڻ موجود هئا.