اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ?? نشريات وار?? وفاقي وزير مريم اورنگزيب سان پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي ملاقات ڪئي. ملاقات ?? پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ پراڻن ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات وار?? وفاقي وزير ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان کي ملڪ جو وزيراعظم نامزد ٿيڻ تي سعودي سفير کي مبارڪباد ڏني. ملاقات ?? فيصلو ڪي?? ويو ته ٻنهي ملڪن ۾ مفاهمت جي ياداشتن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ ورڪنگ ڪئي ويندي. ملاقات ?? ميڊيا ۽ فلم جي شعبن ۾ جاري تعاون کي وڌيڪ تيز ڪرڻ تي غور ڪي?? ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات وار?? وفاقي وزير چيو ته پاڪستان حڪومت ۽ عوام جي دل ۾ خادم الحرمين الشريفين ۽ سعودي قيادت جي لاءِ تمام گهڻي عزت ۽ احترام آهي. اطلاعات وار?? وفاقي وزير پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امدادي سرگرمين ۾ سعودي عرب جي سفير جي اهم ڪردار کي پڻ ساراهيو جنهن ذاتي طور تي ٻوڏ کان متاثر علائقن جو دورو ڪيو. ملاقات ?? فلم ۽ ڊرامي جي شعبن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گڏيل منصوبن کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ ٻنهي طرفن ت?? ٻڌل ڪميٽي جوڙي وئي. اطلاعات وار?? وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي ويزن موجب واپار ۽ بزنس ٽو بزنس رابطن کي وڌيڪ م??بوط ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. ان موقعي تي سعودي سفير چيو ته پاڪستانين جو وڏو انگ سعودي عرب جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته تازين برساتن ۽ ٻوڏ سان پاڪستان ۾ ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصانن تي شديد ڏک ٿيو آهي. مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ سعودي حڪومت پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي هر ممڪن امداد جاري رکندي.