اسلام آباد– 25 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرد??ري ماحول کي نقصان پهچائيندڙ ٻارڻ جي استعمال ??ي ختم ڪرڻ جي لاءِ عملي اتفاق راءِ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪوپ 27 ۾ موسمياتي تبديلي جي حوالي سان اهم معاهدا ۽ ??ڊي??يج اينڊ لاس“ فنڊ جو قيام سڄي دنيا جي لاءِ وڏي ڪاميابي آهي، موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪلائميٽ بئنڪ قائم ڪيو وڃي ته جيئن اسرندڙ ملڪن کي مناسب شرح تي قرض فراهم ٿي سگهن، پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان وڏي پئماني تي تباهي ٿي، موسمياتي تبديلين سان رڳو اسرندڙ ملڪ ئي نه پر ترقي يافته ??لڪ به متاثر ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن غيرملڪي نشرياتي اد??ري کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ڪوپ 27 ۾ موسمياتي تبديلين جي حوالي سان اهم معاهدا ڪنهن هڪ ملڪ نه سڄي دنيا جي فتح آهي، معاهدو انهن ماڻهن جي فتح آهي جيڪي موسمياتي تبديلين جي تباهي کان متاثر ٿيا آهن، مالي تعاون جي حوالي سان ڏسڻو آهي ته عالمي مالياتي نظام جو ڪهڙو طريقيڪار هوندو ۽ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن کي ان مان ڪهڙي طرح فائدو پهچندو. پرڏيهي وزير چيو ته ??الي تعاون جو معاملو ڪوپ جي ايندڙ اجلاس تائين مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن جي ميزباني گڏيل عرب امارات ڪندو. هن چيو ته جي 77 پلس چين جي ميمبرن مان ڪيترن ئي ملڪن ماضي ۾ ٿيندڙ واعدن کي مڪمل نه ڪرڻ تي پريشان آهن، اهو ئي سبب آهي جو معاهدن جي تحرير ان حوالي سان اهم آهي جيڪي ملڪن کي پنهنجي واعدن جي پاسد??ري جو پابند بڻائيندي آهي. بلاول ڀٽو زرد??ري چيو ته ??وسمياتي تبديلين جي تباهي سان رڳو اسرندڙ ملڪ ئي نه پر ترقي يافته دنيا به متاثر ٿيندي. جي 77 پلس چين جي موجوده چيئرمين طور پاڪستان چاهي ٿو ته ??عاهدن جي نقطن تي عملدرآمد ٿئي. پرڏيهي وزير چيو ته ??وسمياتي تبديلين سان ٿيندڙ نقصانن جي ازالي لاءِ ??ڊي??يج اينڊ لاس“ فنڊ قائم ڪيو ويو آهي ۽ مالي مدد جي فراهمي لاءِ انتظام ڪيا ويا آهن. مقرر وقت ۾ ان سان واڳيل هدفن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ??اڪستان جي 77 ۽ يو اي اي جي پنهنجي حصيد??ري سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي، هڪ ٻئي تي آڱر کڻڻ بدران گڏيل بقاءَ جي لاءِ گڏيل جدوجهد تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته ??اڪستان ۾ ٻوڏ سان پهريون ڀيرو تباهي ناهي ٿي، ان کان اڳ به گرميءَ جي سخت لهر ۽ ٻوڏ اچي چڪيون آهن، جيڪڏهن آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ سان رجوع ڪري سگهجي ٿو ته ??ڪ ڪلائميٽ بئنڪ به هجڻ گهرجي، جتي متاثر ملڪ وڃي سگهن ۽ ان ڪلائميٽ بئنڪ مان مناسب شرح تي قرض وٺي سگهجن. پرڏيهي وزير چيو ته اسان کي پنهنجي ماڻهن کي ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهارڻو آهي ۽ ماحول کي نقصان پهچائيندڙ ٻارڻ جي استعمال ??ي ختم ڪرڻ جي لاءِ عملي اتفاق راءِ جي ضرورت آهي.