اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڊيلي ميل جي معذرت مخالفن جي منهن تي چماٽ آهي، ش??با?? شريف تي ڪنهن به قسم جي ڪرپشن ثابت نه ٿي، معافي ڊيلي ميل کي نه عمرا?? خان ۽ شهزاد اڪبر کي وٺڻ گهرجي، جن ڊيوڊ روز کي ڀر ۾ ويهاري ش??با?? شريف جي خلاف سازش ڪ??ي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ڊيلي ميل جي معافي سان رڳو ش??با?? شريف نه پر پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام سرخرو ٿي آهي. هن چيو ته عمرا?? خان ۽ شهزاد اڪبر شريف خاندان تي بي بنياد ۽ ڪوڙا الزام هنيا، عمرا?? خان 2018ع ۾ اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ سياسي عدم استحڪام پيدا ڪيو. هن چيو ته عمرا?? خان نيب جو ريفرنس ڊيلي ميل وارن جي حوالي ڪيو هو، عمرا?? خان ڊيوڊ روز کي گهرائي پنهنجي ڀر ۾ ويهاري ش??با?? شريف جي خلاف سازش ڪ??ي ۽ ان کان ٽاڪ شوز ڪرايا، هي چوندا هئا ته ش??با?? شريف زلزلي سٽيلن جا پئسا کائي ويو، هنن ان شخص تي الزام هنيا جنهن 10 سال پنهنجي رت پگهر سان پنجاب کي ترقي ڏني. هن چيو ته عمرا?? خان ۽ شهزاد اڪبر ماڻهن جا پٽڪا لاٿا، انهن تي الزام هنيا، ڊيلي ميل جيڪي الزام هنيا ان تي هي عدالت ۾ ثبوت پيش نه ڪري سگهيا. اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته ش??با?? شريف جي خلاف پورو ڪيس ٽرائل مان گذريو جنهن کانپوءِ ڊيلي ميل ش??با?? شريف کان غيرمشروط معافي ورتي. هن چيو ته الله جو شڪر آهي مسلم ليگ (ن) جا سمورا اڳواڻ ڪرپشن جي ڪوڙن الزامن مان سرخرو ٿي رهيا آهن.