اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب اتر وزيرستان جي علائقي ميرانشاهه ۾ خودڪش ڌماڪي جي مذمت ڪندي ح??ال??ار محمد امير ۽ هڪ شه??ي جي شه??دت تي گهري ڏک ۽ افسوس جي اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته دهشت گ??دي جي بزدلاڻيون ڪاروائيون اسان جا حوصلا خ??م نه ٿيون ڪري سگهن، دهشت، وحشت ۽ درندگي جي خاتمي تائين سک سان نه ويهنداسين. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته شهيدن جون قربانيون ضايع نه وينديون، سڄي قوم پنهنجي سيڪيورٽي ادارن سان گڏ بيٺي آهي.