اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي حق لاءِ حمايت جي عزم کي ورجائ??ند?? ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته عالمي برادري خاص طور تي گڏيل ??ومون پنهنجي واعدن تي عمل ڪري ۽ اهڙا قدم کڻي جنهن سان ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي گڏيل ??ومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. خودمختياري جي حق جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چي?? ته 5 جنوري 1949ع ۾ گڏيل ??ومن جي ڀارت ۽ پاڪستان بابت ڪميشن (يو اين سي آءِ پي) متفقه طور تي گڏيل ??ومن جي اهتمام ??يٺ آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم ذريعي ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي حمايت جي قرارداد منظور ڪئي هئي. هن چي?? ته خودمختياري جو حق عالمي قانون جو هڪ بنيادي اصول آهي جنهن کي عالمي انساني حقن جي دستاويزن ۾ برقرار رکيو ويو آهي، گڏيل ??ومن جي جنرل اسيمبلي خودمختياري جي حق بابت پنهنجي سالياني قرارداد ۾ ان جي توثيق ڪئي آهي. پرڏيهي وزير چي?? ته هي ڏينهن عالمي برادري خاص طور تي گڏيل ??ومن کي ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي عزم جي احترام جي ضرورت کي اجاگر ڪري ٿو. هن چي?? ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي ??يٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي قبضي جا گذريل 75 سال ڪشميري عوام تي ظلم جي هڪ افسوسناڪ داستان آهي. هن چي?? ته ڀارت ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ دهشت جو بازار گرم ڪري رکيو آهي ۽ هن مظلوم ماڻهن کي خودمختياري جي حق جي پنهنجي نه ڇڏڻ جهڙي حق جو استعمال ڪرڻ ۽ عزت جي زندگي گذارڻ جو حق ڏيڻ کان انڪاري آهي، ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي غيرقانوني ۽ هڪطرفا قدم کنيا آهن، ڀارت ڪشميرين کي پنهنجي سرزمين ۾ هڪ بي اختيار اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ والاريل ??اديءَ ۾ آبادياتي ۽ سياسي تبديليون ڪري رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چي?? ته هي وقت آهي ته عالمي برادري خاص طور تي گڏيل ??ومون پنهنجي واعدن تي عمل ڪري ۽ اهڙا قدم کڻي جنهن سان ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي گڏيل ??ومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۾ لکيل خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي قابل بڻائي سگهجي، ان کي انساني حقن جي خلاف ورزين کي فوري طور تي روڪڻ ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڀارت جي قدمن کي تبديل ڪرڻ تي پڻ زور ڏيڻ گهرجي. هن چي?? ته پاڪستان گڏيل ??ومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم ذريعي ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي حمايت جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ، ڪشميري جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين اسان جي ڀرپور، ثابت قدم اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رهندي.