اسلام آباد ??? 12 – جن??ري (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف اعليٰ سطحي وفد سان گڏ ٻن ڏينهن جي سرڪاري د??ري تي گڏيل عرب امارات روانو ٿي ويو. خميس ڏينهن وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان ملاقات ڪندو جنهن ۾ ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ يو اي اي ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ بابت معاملا بحث هيٺ ايندا. ٻئي اڳواڻ گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. وزيرا??ظم گڏيل عرب امارات جي وزيرا??ظم ۽ نائب صدر ۽ دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد المڪتوم سان به ملاقات ڪندو. ان موقعي تي وزيرا??ظم واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي لاءِ اماراتي واپارين ۽ سيڙپڪارن سان به ملاقاتون ڪندو.