اسلام آباد – 19 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀ??و زرداري تخت بيگ ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن چيو ته پوليس اهلڪارن جي شهادت تي تمام گهڻو افسوس ٿيو آهي، دهشتگرد، انهن جا سرپرس?? ۽ ??هولتڪار سزا ??ان بچي نه ٿا سگهن، بهادر پوليس آفيسرن ۽ جوانن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته پوليس جي جوانن جي وطن جي لاءِ قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آهن. بلاول ڀ??و زرداري شهيد پوليس اهلڪارن جي خاندانن سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو آهي.