اسلام آباد– 01 – فيبروري (اي پي پي) چين ??ي صدر شي ??ن پنگ پشاور ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ شهيد ٿيندڙن جي پونئيرن سان تعزيت ۽ زخمين ??ي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ??ندي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور حمايت جاري ر??ڻ ۽ تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چيني صدر شي ??ن پنگ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي نالي هڪ تعزيتي پيغ??م ۾ چيني حڪومت ۽ عوام پاران پشاور ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ شهيد ٿيندڙن جي پونئيرن سان تعزيت ۽ زخمين ??ي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ??يو آهي. چين ??ي صدر پنهنجي پيغ??م ۾ وڌيڪ چيو آهي ته چين ??هشتگردي جي خاتمي جي قومي ايڪشن پلان کي فروغ ڏيڻ، سماجي استحڪام کي برقرار رکڻ ۽ عوام جي سلامتي جي تحفظ جي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور حمايت جاري ر??ندو ۽ خطي ۽ دنيا ۾ امن ۽ سلامتي جي گڏيل تحفظ جي لاءِ پاڪستان سان دهشتگردي جي خاتمي جي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. چيني وزيراعظم لي ڪي چيانگ پڻ وزيراعظم محمد شهباز شريف کي پشاور دهشتگرد حملي ۾ جاني نقصان تي تعزيتي پيغام ڏنو آهي. يڪجهتي جي اظهار تي وزيراعظم چيني صدر ۽ چيني وزيراعظم جا ٿورا مڃيا آهن.