ڪراچي – 14 – فيبروري (اي پي پي) پاڪ بحريه جي گهڻ ملڪي ميري ٽائيم مشق امن 23 جي پڄاڻي واري تقريب اتر بحيره عرب ۾ منعقد ڪئي وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف تقريب جو خاص مهمان هو. وزيراعظم ??في?? جي ميڊيا موجب تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، دفاع وارو سيڪريٽري، س??ڌ جو گورنر ۽ س??ڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پڻ تقريب ۾ شريڪ هئا. مشق امن 23 جي پڄاڻي واري تقريب ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ۽ سروسز چيفس پڻ شرڪت ڪئي. بحيره عرب ۾ موجود پاڪ بحريه جي جهاز تي اچڻ تي اميرالبحر وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم کي امن مشقن جي حوالي سان بريفنگ پڻ ڏني وئي. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب مشق ۾ شريڪ م??ڪن جي سامونڊي ۽ هوائي جهازن خاص مهمان کي سلامي پيش ڪئي. اٺين گهڻ گهڻ ملڪي ميري ٽائين ??شق امن 23 6 ڏينهن تائين جاري رهي جنهن ۾ 50 کان وڌيڪ م??ڪن شرڪت ڪئي.