اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بهاره ڪهو باءِ پاس فلائي اوور جي تعمير دوران حادثي جو سخت نوٽيس وٺندي انڪوائري ڪميٽي جوڙي ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم خميس ڏينهن پيش ايندڙ حادثي جي انڪوائري جي لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي ??هي. اڳوڻي گهرو سيڪريٽري شاهد خان جي سربراهي ۾ انڪوائري ڪميٽي ان حادثي جو هر رخ کان جائزو وٺندي. ڪميٽي کي هنگامي بنيادن تي انڪوائري رپورٽ جوڙي وزيراعظم کي پيش ??رڻ جي هدايت ڪئي وئي ??هي. وزيراعظم چيو ته بهاره ڪهو منصوبي ۾ ڪنه?? به قسم جي ڪوتاهي قابل قبول نه هوندي.