اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي ڳالهين جي ??ياست تي يقين رکي ٿي، ملڪ ۾ ??ڪ ئي وقت چونڊن جا ??ام?? آهيون، هڪ صوبي ۾ اڳ ۾ چونڊون ٻين صوبن جي چونڊ نتيجن تي اثرانداز ٿينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته چونڊن جي ??والي سان اتحادي پارٽيون پارليامينٽ جي فيصلي سان گڏ بيٺل آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چونڊون پنهنجي وقت تي ٿيڻ گهرجن، عدالتي حڪم جي ??اوجود عمران خان جي ??ور ۾ پنجاب ۾ بلدياتي چونڊون نه ڪرايون ويون. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جو موقف آهي ته چونڊون پنهنجي وقت تي ٿيڻ گهرجن، اسان ڪالهه به ون يونٽ جي ??لاف هئاسين اڄ به آهيون. پرڏيهي وزير واضح ڪيو ته هڪ صوبي ۾ اڳ ۾ چونڊون ٻين صوبن جي چونڊ نتيجن تي اثرانداز ٿينديون.