لنڊن – 08 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف امير م??ام پاران خيبرپختونخواهه ۾ اٽي جي بحران بابت ڌيان ڏيڻ جو فوري نوٽيس وٺندي ع??لد??رن کي ان جي جاچ ۽ فوري طور بحران جي خاتمي لاءِ ضروري قدم کڻڻ جُون هدايتُون ڪيُون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان صلاحڪار ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) خيبرپختونخواهه جي صدر انجنيئر امير م??ام خيبرپختونخواهه ۾ اٽي بحران بابت ازبڪستان مان وزيراعظم سان رابطو ڪيو ۽ وزيراعظم کي ??وب?? ۾ اٽي جي بحران بابت عوام ۾ پيدا ٿيندڙ ڳڻتي کان آگاهه ڪيو، جنهن تي وزيراعظم فوري طور تي ايڪشن وٺندي جاچ جو حڪم ڏنو ۽ فوري طور تي بحران جي خاتمي لاءِ ع??لد??رن کي ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته خيبرپختونخواهه سميت ٻيا صوبا انتهائي اهميت رکندڙ آهن، جيترو پنجاب آهي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي عوام مشڪل اسان جي مشڪل آهي.